سرائي ڪواٽرس

سرائي ڪواٽرس: ڪراچيءَ ۾ سرائي ڪواٽرس، شهر ۽ سول لائين ڪواٽرس جي وچ تي واقع آهن. هي علائقو 1873ع ڌاري ٻيهر تعمير ڪيو ويو. هي علائقو ٽڪنڊائين قسم جو هو ۽ اهو ٽن مشهور روڊن؛ اتر پاسي بندر روڊ، اوڀر پاسي ڪچهري روڊ ۽ ڏکڻ پاسي ايم.سي ليوڊ روڊ ۾ گهيريل هو. هن علائقي جو اندروني وڏو روڊ فريئر روڊ هو. بندر روڊ ۽ ايم.سي ليوڊ روڊ جتي ملن ٿا اتي ميري ورڌر ميموريل هو. 1850ع واري نقشي ۾ هي رهائشي علائقو غيرآباد ڏيکاريو ويو آهي، پر اڻويهين صديءَ جي آخر ۾ هتي ڪافي قيمتي ۽ ڌيان ڇڪائڻ واريون عمارتون ٺاهيون ويون، جن ڪراچيءَ جي وڌندڙ واپاري حيثيت کي ظاهر ڪيو پئي. جيتوڻيڪ 1880ع دوران ڪراچيءَ جي آبادي بمبئيءَ جي آبادي جي 12 سيڪڙو برابر هئي، پر جيئن جيئن بمبئي جي واپاري ڪمپنين ڪراچيءَ ۾ پنهنجون شاخون قائم ڪيون ته ڪراچي واپار جي لحاظ کان ڪافي مضبوط بڻجي وئي، جن ڪمپنين ڪراچيءَ ۾ پنهنجون برانچون قائم ڪيون انهن ۾ ڊونلڊ گراهم اينڊ ڪمپني، چارلس فارسڊ اينڊ ڪمپني، ويلپس اينڊ ڪمپني ۽ ايم.سي ليلن اينڊ ڪمپني شامل آهن ۽ سرائي ڪواٽرس ۽ ريلوي ڪواٽرس جي ڪيترن ئي روڊن جا نالا به انهن برطانوي ڪمپنين جي نالي تي رکيا ويا.


لفظ سرائي ڪواٽرسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو